رباعيات عمر خيام2

رباعيات عمر خيام2

رباعيات عمر خيام2

رباعيات عمر خيام (ڪتاب): هي ڪتاب رباعيات عمر خيام جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ رباعيات عمر خيام جو منظوم سنڌي ترجمو ساڳئي فارسي بحر ۾ 1904ع ڌاري ڪيو. هي ڪتاب چوهڙ مل هندوجا، رتن ساهتيه منڊل ڪراچيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. چوهڙ مل هندوجا ’چپائيندڙ پاران‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ’چوڏس‘ رسالي جي چاندني پرچي ۾ سڀ کان اڳ عمر خيام جي چئن پنجن رباعين جو سنڌي ترجمو رام پنجواڻيءَ کان ڪرائي شاعر جي رنگين تصوير سان شايع ڪرايو هو. رباعيات خيام جي مرزا صاحب واري ترجمي بابت لکي ٿو ته: ”هي رباعيات خيام جو سنڌي روپ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ترجمو ڪندڙ آهي، سنڌ جو نامي ودوان مرحوم مرزا قليچ بيگ شمس العلماءَ سندس ترجمي ۾ سلالت، بلاغت، رواني، شعر جون سڀ خوبيون موجود آهن.“
هي ڪتاب پبلشر کي مرزا صاحب جي فرزند افضل بيگ هٿ ڪري ڏنو هو، جنهن به ’عرض حال‘ عنوان سان ٻه صفحا ڪتاب ۾ لکيا آهن.
ڪتاب جو ديباچو سنڌ جي اعليٰ ودوان ديوان ديارام گدو مل لکيو آهي، جنهن ۾ هن رباعيات خيام جي اهميت ۽ شاعر جي عظمت بابت روشني وڌي آهي ۽ پڄاڻيءَ تي لکيو آهي ته: ”عمر خيام چيو آهي ته روءِ زمين کي آباد ڪرڻ اهڙو نه آهي، جهڙي هڪ دل کي شاد ڪرڻ.“ هي ديباچو 22 اپريل 1904ع تي لکيو ويو آهي. ديباچي کانپوءِ مرزا قليچ بيگ رباعيات خيام بابت لکيو آهي ته: ”عمر خيام جون پارسي رباعيون ملڪن ۾ مشهور آهن...... جن ۾ علم ۽ حڪمت جو مضمون آندل آهي....انهن جي حڪمتي نزاڪت ۽ ۽ اخلاقي خوبيءَ جي وڏي نشاني هيءَ آهي ته هيترن صدين گذرڻ کانپوءِ به يورپ جي سڌريل ملڪن ۽ قومن ۾ انهن رباعين جي تعريف هلي اچي ۽ وڏن قابلن ۽ شاعرن انهن جا نثر توڙي نظم ۾ ترجما ڪيا آهن.“
مرزا صاحب جي لکڻ موجب ڪنهن مشرقي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ هي ’رباعيات عمر خيام‘ جو پهريون ترجمو آهي... اصلي پارسي ڪتاب ۾ رباعيون رديف موجب الف ب وار لکيل هيون ۽ سنڌي ترجمي ۾ به اها ترتيب قائم رکي وئي آهي. مرزا صاحب 130 چونڊ رباعين جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ مرزا قليچ بيگ عمر خيام جي حياتيءَ جي احوال ڏيڻ سان گڏ صوفين جي اصطلاحن ۽ رباعين جي ڏکين لفظن جي معنيٰ بابت به تفصيل سان لکيو آهي.
عمر خيام جي هڪ رباعيءَ جو منظوم سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪعبو بتخانو بندگيءَ جو آهي،
ناقوس ترانو بندگيءَ جو آهي،
مسجد ۽ ڪليسا ۽ تسبيح، صليب،
هر هڪ سو نشانو بندگيءَ جو آهي.
رباعيات عمر خيام جي 84 صفحن جي ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1942ع ۾ رتن ساهتيه منڊل ڪراچيءَ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 8 آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو